خلجي، نعمت

خلجي، نعمت

خلجي نعمت

خلجي، نعمت: ناميارو مصور، ليکڪ ۽ استاد نعمت الله ولد محمد يوسف خلجي، 6 جولاءِ 1970ع تي پير جي ڳوٺ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. کيس ننڍي هوندي کان مصوريءَ جي فن سان لڳاءُ رهيو آهي. هن انٽر ڪرڻ بعد 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فائن آرٽس ۾ بي. اي (پهرين پوزيشن) ۽ 1995ع ۾ ايم. اي (سلور ميڊل) ڪئي. هن وقت يونيورسٽيءَ مان ’سنڌي ڪيليگرافي آرٽ آن نيڪرو پولز آف سنڌ‘ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. هيءُ 1995ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽس شعبي ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ 1997ع ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ساڳئي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور فائن آرٽ جي شاگردن کي مختلف مضمونن ۾ سکيا ڏيندو رهيو آهي. هن وقت انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو آهي.
نعمت خلجيءَ سنڌ ۽ ملڪي سطح تي ڪيترين نمائشن ۾ آرگنائيزر طور به ڪم ڪيو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي فائن آرٽس شعبي ڪيترين نمائشن جو اهتمام ڪيو آهي، هن 2001ع ڌاري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ پهرين کان پنجين درجي جي ڪتابن جون نصابي تصويرون ۽ اسڪيچ به ٺاهيا. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ خاص طور ڪانووڪيشن، سيمينارن، ڪانفرنسن، ڪانگريسن وغيره لاءِ اسٽيج جي زيبائش جو ڪم به ڪندو آهي. مختلف سماجي تنظيمن سان ڪيترن سيمينارن ۽ ورڪشاپن ذريعي فن جي سکيا ڏئي چڪو آهي. راجا نند جي قلعي، موهن جي دڙي، حيدرآباد جي ورهاڱي کان اڳ واري حالت تي مصوري جو خوبصورت ڪم ڪيو اٿس.
نعمت خلجي لوڪ ورثه اسلام آباد جي پراجيڪٽ تي سنڌ جي ثقافتي ويس ’کيسَ‘ تي هڪ تحقيقي مقالو لکيو، ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي اليومناء ايسوسيئيشن، سنڌ ميوزم، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، سنڌالاجي، آمريڪن ڪلچرل سينٽر، خيرپور ضلعي حڪومت، بيورو آف اسٽيگس- سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن سان گڏ مختلف وقتن تي مصوري جي فن کي فروغ ڏيڻ لاءِ سرگرم رهيو آهي. کيس ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾: ’وزير اعظم، شيلڊ‘ (بهترين مقرر: 1995ع)، ’بهترين آرٽسٽ اوارڊ‘ (1995ع)، ’سلور ميڊل‘ (بي. اي، ايم. اي: 96-1995ع)، ’بهترين اسٽيج ڊزائينر‘ (2006ع)، سنڌ يونيورسٽي آرٽ ايگزيبيشن شيلڊ‘ وغيره شامل آهن.
نعمت خلجي سنڌ ٻالڪ سنگت جو بنيادي ميمبر؛ سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل؛ بيورو آف اسٽيگس، مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي صلاحڪار بورڊ ۽ فائن آرٽس جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.07.06  عيسوي

ناميارو مصور، ليکڪ ۽ استاد نعمت الله ولد محمد يوسف خلجي، 6 جولاءِ 1970ع تي پير جي ڳوٺ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڪندر جوڳي
چنا عمران
عبدالقادر وارثي
چغتائي عبدالرحمان
رشيد علي وارثي
دارا عالم ابڙو
شفقت حسين وڌو
سليمه هاشمي
شرجيل فتاح هاليپوٽو
حفيظ الله کوهارو
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون